SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عالمي ڳوٺ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


عالمي ڳوٺ

Global Village

گلوبل وليج

هي اصطلاح پهريون ڀيرو نامياري محقق ’مارشل مِڪ لوُهان‘ (Marshall Mcluhan) پنهنجي اهم ڪتاب The Making of Typographic Man : The Gutenburg Galaxy (1962ع) ۾ ڪتب آندو. سندس چوڻ موجب برقي رابطن ۾ ڪمپيوٽر جي ايجاد ۽ اطلاعات سرشتن ذريعي، دنيا جو هر پاسو ۽ ڪنڊ هڪٻئي سان ڳنڍجي وئي آهي ۽ ڄاڻ جي ورڇ هڪ ئي وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ٿي. ان ڪري انساني سماج جا، سياسي، سماجي ۽ معاشي معاملا به هر ماڻهوءَ جي در تائين ۽ ان حوالي سان انسانن جي ذميواريءَ جو درجو به مٿانهين سطح تي پهچي چڪو آهي. اڄڪلهه هي اصطلاح گهڻي قدر انٽرنيٽ ۽ ويب رابطن جي حوالي سان استعمال ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ جو انٽرنيٽ تي طبعي وڇوٽيون غير اهم بڻجي چڪيون آهن ۽ انسان برقي رابطن ذريعي ذهني ۽ سماجي طور هڪٻئي جي ايترو ويجهو اچي ويو آهي، جو اهو نه رڳو پنهنجي پسند جا ماڻهو ۽ حلقا دنيا جي ڪنهن به ڏس ۾ ڳولي ڪڍي ٿو، پر انهن حلقن جي وچ ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ ٻين سوين معاملن بابت، خيالن جي مڪمل ڏي وٺ ۽ اڳڀرائي ممڪن ٿي چڪي آهي، اهڙي طرح ويب ٽيڪنالاجيءَ ذريعي ”عالمي سماج“ جي جوڙجڪ پڻ عمل ۾ اچي چڪي آهي. هاڻي ماڻهو تيز ترين رابطن ذريعي، ڪيترائي اطلاع فورن ڦهلائي سگهن ٿا ۽ انهن تي رد عمل ظاهر ڪري ڪا حڪمت عملي جوڙي سگهن ٿا. ”مڪ لوهن“ جو چوڻ آهي ته انهن ويجهڙائين، اسان کي روايتي قومي ترجيحن“ کان مٿانهون ڪندي، هڪٻئي جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ عالمي ذميواريون سمجهڻ جو احساس ڏياريو آهي. خاص طور ويب سائيٽن جي وڏي انگ ۾ ٺهڻ کان پوءِ، انسانن وچ ۾ ”تفصيلن جي مٽا سٽا“ به اک ڇنڀ ۾ ممڪن بڻي آهي. نئين دور جي انهن حقيقتن ۾ نئين سماجياتي تاڃي پيٽي ۽ بين الاقوامي ثقافت جوڙڻ لاءِ، هڪ شاندار اڳڀرائي ڪئي آهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ دنيا جي سياسي معاملن کان وٺي رهڻي ڪهڻيءَ تائين، ڌرتيءَ جي گولي تي موجود انسانن وچ ۾ شراڪت داريءَ جو تصور روز بروز سگهارو ٿي رهيو آهي. تازو عرب دنيا ۾ اٿندڙ عوامي احتجاج، رڳو انهن ملڪن کي نه پر دنيا جي مڙني انسانن کي نه رڳو سوچڻ تي پران ڏس ۾ ممڪن عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به اُتساهي رهيو آهي. ساڳي طرح گهڻ قومي ڪارپوريشن ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن کائڻ پيئڻ، اوڍڻ، اٿڻ، ويهڻ ۽ سوچڻ جي حوالي سان، دنيا جي مڙني قومن کي هڪ رخ ۾ اڳڀرائي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ روزگار کان وٺي شادين مرادين تائين، هر معاملي ۾ دنيا جا در سڀني لاءِ کلي چڪا آهن. ”عالمي ڳوٺ“ جي تشڪيل ۾ جتي انسان ذات لاءِ تمام گهڻيون سولائيون پيدا ٿيون آهن، اتي مقامي ثقافتن، ٻولين ۽ روين کي للڪارون به درپيش آهن


Remember Me Also:

چنا

اسم خاص. هڪ قبيلي جو نالو. ٺُلَ، سيوهڻ ۽ جوهِي تعلقن ۾ ڏيهن جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal